شاڪر عباس سمراٽ

شاڪر عباس سمراٽ

شاڪر عباس سمراٽ

شاڪر عباس سمراٽ: نوجوان نرتڪار، شاڪر عباس 27 نومبر 1992ع تي محمد اسلم سمراٽ جي گهر، حيدرآباد ۾ جنم ورتو. نرت ڪلا (ناچ) جو فن کيس ورثي ۾ مليو. سندس وڏا اصل راجسٿان جي مارواڙ علائقي جا رهاڪو هئا. سندس وڏن مان قطب الدين 1906ع ڌاري مارواڙ مان لڏي اچي حيدرآباد م ويٺو. سمراٽ جو لقب سندس خاندان جي وڏي عاشق حسين سمراٽ کي انگريز سرڪار هندستان ۾ ڏنو. هي اصل ۾ هندستان جي مشهور ڪٿڪ جانڪي پرشاد جي ڪٿڪ گهراڻي جا شاگرد آهن. عاشق علي بمبئيءَ جي ڳالهائيندڙ فلمن ۾ شروعات کان وٺي اداڪارائن کي فلمن ۾ رقص سيکاريندو هو ۽ هندستاني فلم انڊسٽريءَ جو نامور ڊانس ڊائريڪٽر هو.
شاڪر عباس فن جي سکيا لاهور مان ورتي، سندس پهريون استاد وقار سمراٽ هو. شاڪر عباس، ڪٿڪ، ڀارت ناٽيم، اوڊيسي، ماڻيپوري، نيم ڪلاسيڪل، غزل، ٺمري ڪلاسيڪل تي ناچ سميت سنڌي لوڪ ناچ ۽ جديد فلمي گيتن وارو ناچ خوبصورتيءَ سان پيش ڪري ٿو. هيءُ نه فقط ڪلاسيڪل نرت جا سڀ انگ ڄاڻي، پر جديد مغربي موسيقيءَ مان به پوريءَ ريت واقف آهي، پر هندستان جي مشهور ناچ ٽانڊوَ جا به الڳ شبد پڙهي ۽ نچي ڄاڻي ٿو. 2014ع ۾ سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري ۽ E.F.T طرفان شاهه جي سورمين تي ٿيندڙ ناٽڪ ‘سورٺ’ کي فلم بند ڪيو ويو ته هن نرتيه ڊرامي جي ڊائريڪٽر هو ۽ راءِ ڏياچ جو ڪردار ادا ڪيائين. هن وقت ڪراچيءَ ۾ هڪ خانگي اداري ‘دارالسڪون’ ۾ معذور ٻارڙن کي ناچ جو فن سيکاري رهيو آهي.


لفظ شاڪر عباس سمراٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1992.11.27  عيسوي

نوجوان نرتڪار، شاڪر عباس 27 نومبر 1992ع تي محمد اسلم سمراٽ جي گهر، حيدرآباد ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرتاب هرگنداس ڌنواڻي جادوگر نماڻو
ڊبليو ايڇ مورلينڊ
آخوند محمد حيات حاتم
شعيب لاکيار عرف لاخيال بودلو مخدوم
پيرزادو عبدالرزاق مولوي
سيد غلام مصطفيٰ شاهه
اِبن خردازبه
سيد قطب علي شاهه جھانيان
سهراب سومرو
شير محمد خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون